خالده غوث

خالده غوث

خالده غوث

خالده غوث

خالده غوث

خالده غوث: خالده غوث پاڪستان جي بين الاقوامي تعلقات ۽ انساني حقن جي شعبي جي نامور اسڪالر آهي، کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته هوءَ پاڪستان جي متحرڪ سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقق تي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ واري پهرين خاتون آهي. خالده غوث بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس (M.A) ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هيءَ پنهنجي ڪيريئر دوران سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر ڪراچيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي جي اڳوڻي پروفيسر ۽ چيئرپرسن، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’سينٽر آف ايڪسيلينس فار وومين اسٽڊيز‘ جي ڊائريڪٽر، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي شايع ٿيندڙ آرٽس ۽ علم سماجيات تي مشتمل جنرل جي ايڊيٽر، لبرل آرٽس ۽ سوشل سائنسز ڪاليج جي اعزازي ڊائريڪٽر ۽ پاڪستان سينٽر فار ڊيموڪريسي اسٽڊيز جي اعزازي ڊائريڪٽر پڻ رهي.
خالده غوث جا آرٽيڪل ملڪي توڙي غير ملڪي شهرت يافته رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. پاڪستان ۽ هندستان ڇڪتاڻ جي حوالي سان هن جي مشورن کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هوءَ اسلام ۾ عورتن جي حقن تي ”Rights of Women in the Islam“ نالي ڪتاب لکي چڪي آهي ۽ Pakistan Foreign Policy Problems & Prospects جي شريڪ ايڊيٽر (Co-Editor) به آهي. 2006ع ۾ هوءَ به انهن 18 ماڻهن جي فهرست ۾ شامل هئي، جن جنرل پرويز مشرف کي کليل خط لکيو هو ته هو استعيفيٰ ڏئي. اڄڪلهه هوءَ ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي ريسرچ جي اداري ۽ سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي.


لفظ خالده غوثھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو